سائيٽ 862

سائيٽ 862 (هنري ماڳ): هيءَ ماڳ شادي شهيد جي ڏکڻ ۾ 3.5 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي روهڙيءَ جي ٽڪرين ۾ آهي. هي ماڳ هڪ پٿري کاڻ طور ٻن هنري هنڌن طور، 1994ع ۾ لڌو ويو هو. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ جي مٿاڇري تي هڪٻئي کان ٿوري ٿوري فاصلي تي 2 الڳ الڳ هنڌ مليا آهن.
1995ع کان 1997ع تائين هن ماڳ جي کوٽائي ڪئي وئي، جتان ڪافي تعداد ۾ چوڙين جا ٽڪر، پرد، ڇلون، ڀالن ۽ تيرن جا تکا منهن ۽ هٿوڙا مليا آهن. تهه نمبر 4 مان ڪوئلو به مليو آهي، جنهن جي ڪاربان ڊيٽ مان معلوم ٿيو آهي ته هي ماڳ 3870 ق. م جو آهي.
هن ماڳ تي کوٽائي ڪري 51378 هنري پٿر جون وٿون هٿ ڪيون ويون، جن جو وزن 446 ڪلوگرام آهي. کوٽائيءَ جي شروعات ۾ هتان ڇلون، چوڙيون، ننڍڙا تکا اوزار ۽ انهن جا ٽڪرا مليا. هڪ مگري
(core) جو نمونو به شروعاتي کوٽائيءَ ۾ مليو هو، اهي وٿون هڪ هنري دڪي تي مليون هيون، ٻي پٿري کاڻ به انهيءَ پهرين کاڻ جي ڀر ۾ آهن، جنهن جي مٿان واري وريل آهي. هن جاءِ تي هنري وٿن جو چڱو خاصو دِڳ موجود مليو. هتان مگريون (Core)، جن تي اڃا ڪم ٿيڻو هو ۽ ڪجهه چوڙين جا ٽڪرا مليا، جيڪي سڌي چوٽ (Direct Percussion) جي ذريعي ٺاهيا ويا هئا.
هن ماڳ تان ٺڪراٺو به مليو آهي، هتان گول مٽ جو سڌو ترو مليو آهي، جنهن جي سطح هلڪي ميٽائين آهي، هڪ ڪني تي ڪاري تي ڳاڙهو رنگ ٿيل آهي، رنگ اندران ۽ ٻاهران ٿيل آهي، ڪي ننڍا ننڍا ٺڪرن جا ٽڪر به مليا آهن، جن بابت پتو نه ٿو پوي ته اهي ٺڪر ڪهڙن ٿانون جي نمونن جا آهن. ٺڪراٺو گهڻو ڪري مٿاڇري تان مليو آهي، جيڪو ٽڪريءَ جي ڪافي ايراضي ۾ پکڙيل آهي، پر ڪجهه ٺڪراٺو تهه نمبر 1 مان به مليو آهي، ٺڪراٺو رڳو ورڪشاپ نمبر-1 تان مليو، جيڪو اهڙو هو جهڙو ’پڪي هڙاپا دور‘ (Mature Harappan Period) ۾ استعمال هيٺ هوندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو